مٽياري ۾ حاجاڻا برادري پاران پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

Mitari

مٽياري ۾ حاجاڻا برادري پاران پلاٽ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.  ڳوٺ مشتاق حاجاڻو جي رهواسين شاهنواز حاجاڻو ۽ صدوري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي رهواسين الزام هنيو ته ڳوٺ جا ڪجهه بااثر ماڻهن سندن پلاٽ تي قبضو ڪيو آهي.  هنن چيو ته بااثرن پلاٽ تي قبضو ڪرڻ سان گڏ هنن تي ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا آهن.  رهواسين آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي کين تحفط فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*