پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪرائڻ لاءِ او آءِ سي کي آواز اٿارڻ جو مطالبوڪري ڇڏيو آهي

yousif ahmed oic

پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي روڪرائڻ لاءِ  او آءِ سي کي آواز اٿارڻ جو مطالبوڪري ڇڏيو آهي.  اسلامي ملڪن جي تنظيم جي سيڪريٽري جنرل يوسف احمد پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز سان ملاقات ڪئي. جنهن دوران اسلامي دنيا کي درپيش چئلنجز ۽ اي آءِ سي جي ڪردار بابت ڳالهيون ڪيون ويون. پريس ڪانفرنس ڪندي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل يوسف احمد چيو ته اسلامي دنيا هڪ طرف اسلامو فوبيا ۽ ٻئي طرف دهشتگردي جو شڪار آهي، ڪشمير تڪرار ڳالهين ذريعي نبرڻ گهرجي.  سندس چوڻ هو ته هو ڪشمير سميت ٻين اسلامي ملڪن ۾ ٿيندڙ انساني ڀڃڪڙين جي هو مذمت ڪن ٿا.  او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته اسلام امن جو دين آهي، جيڪو رواداري جو درست ڏئي ٿو، مسلم امت کي او آءِ سي وڏيون اميدون آهن.  پرڏيهي معاملن بابت وزيراعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته ڪشمير سميت سمورن اهم معاملن تي پاڪستان جي حمايت ڪرڻ تي هو او آءِ سي جا ٿورائتا آهن.  پرڏيهي صلاحڪار چيو ته هو سوشل ميڊيا تي گستاخي واري مواد خلاف  او آءِ سي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.  سرتاج عزيز چيو ته او آءِ سي مسلمانن خلاف والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ ڀڃڪڙين جو نوٽيس وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*