سينيٽ جي اجلاس ۾ حڪومتي سينيٽرز جو ڪورم پورو نه هئڻ تي اپوزيشن ميمبرز ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا

سينيٽ جي اجلاس ۾ حڪومتي سينيٽرز جو ڪورم پورو نه هئڻ ۽ گهرو وزير جي غير حاضري تي اپوزيشن  ميمبرز  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا ، اپوزيشن ميبرز چيو آهي ته حڪومت سينيٽ کي ڪابه  اهميت نه ڏئي رهي آهي.

ڊپٽي چيئرمين صابر بلوچ جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ حڪومتي ميمبرز جو ڪورم پورو نه هئڻ ۽ وفاقي گهرو وزير  چوڌري نثار   جي  لاڳيتو اجلاس مان غير حاضري تي اپوزيشن ميمبرز  ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا، جنهن سبب اجلاس ڪجهه دير لاءِ ملتوي ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو.

اپوزيشن ميمبر  رضا رباني چيو ته حڪومت  سينيٽ کي اهميت نه ٿي ڏئي، 21 هين آئيني ترميم جي منظوري وقت به کين بريفنگ نه ڏني وئي هئي.

هن چيو ته ملڪ جنگ جي حالتن ۾ آهي ۽ وزير اڻڄاڻل بڻيل آهن.

حاجي عديل جو چوڻ هو ته وفاقي گهرو وزير لاڳيتو  اجلاسن مان غير حاضر رهيو آهي، گهرو وزير اجلاس ۾ نٿو اچي ته سندس مراعاتون بند ڪيون وڃن.

پ پ جي سينيٽر صغريٰ امام چيو ته  آءِ جي انڪار ڪري ٿو ته پنجاب جي مدرسن ۾ دهشتگردن جي فنڊنگ نه ٿي رهي آهي.

گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير بيلغ الرحمان اعتراف ڪندي چيو ته ڪجهه مدرسن ۾ غلط ڪم ٿي رهيا آهن، آءِ جي پنجاب جي جواب تي هو نٿو ڳالهائي سگهي.

اجلاس ۾ گهرو وزارت لکت ۾جواب جمع ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته 18هين ترميم بعد مدرسن وارو معاملو صوبن حوالي آهي، مدرسن جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي.

ان کان ايوان قائد راجا ظفرالحق سعودي بادشاهه شاهه عبدالله بن عبدالعزيز جي لاڏاڻي تي تعزيتي ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي منظور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ اڳوڻي سينيٽر ڪلثوم سيف الله جي لاڏاڻي تي مغفرت جي دعا گهري وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*