پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد موت جي سزا

kalbhoshan

پاڪستان ۾ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي، آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪلڀوشن ياديو جي موت واري سزا جي منظوري ڏني.  ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته موت جي سزا ٻڌايل ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو جو ٽرائل آرمي ايڪٽ تحت ڪيو ويو.  ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، ڪلڀوشن ياديو ميجسٽريٽ سامهون ڏوهه جو اعتراف به ڪيو آهي، ڀارتي ايجنٽ کي وڪيل به فراهم ڪيا ويا هئا.  ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر ۽ جاسوس آهي.

آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ڪلڀوشن ياديو ملڪي سلامتي کي نقصان پهچايو، جنهن جي موت  واري سزا جي منظوري آرمي چيف ڏني.  آءِ ايس پي آر موجب، ڪلڀوشن ياديو تسليم ڪيو هو ته کيس ڀارتي ايجنسي راءِ موڪليو هو.  آءِ ايس پي آر موجب، ڪلڀوشن ياديو غيرقانوني طريقي سان ايران کان افغانستان ۾ داخل ٿيو هو. ڪلڀوشن بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ دهشتگردن جي مدد ڪندو هو.  آءِ ايس پي آر موجب، ڪلڀوشن ياديو کي 3 مارچ جو بلوچستان واري علائي مشڪيل مان گرفتار ڪيو ويو هو.  آءِ ايس پي آر ترجمان موجب،  ڪلڀوشن ياديو کي آرمي ايڪٽ 1952 جي سيڪشن 59 ۽ سيڪريٽ ايڪٽ جي شق نمبر 3 تحت سزا ڏني وئي.  آءِ ايس پي آر ترجمان موجب، ڪلڀوشن ياديو کي جاسوسي ۽ ملڪ خلاف سازش ڪرڻ تي سزا ٻڌائي وئي، ڪلڀوشن ياديو پاڪستان جي سلامتي کي نقصان پهچايو.  ڀارتي سرڪار به پاڪستان ۾ گرفتار ڪلڀوشن ياديو کان لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي هئي. پاڪستان گڏيل قومن ۾ به ڪلڀوشن ياديو وارو معاملو اٿاريو هو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*