ڀارت جي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ ۽ ملڪي سالميت خلاف ڪم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت

kalbhoshan

ڀارت  جي ڳجهي ايجنسي “ را ” جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي پاڪستان اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ ۽ ملڪي سالميت خلاف ڪم ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فوجي عدالت کيس موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي، آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪلڀوشن ياديو پاران عدالت آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪرڻ ۽ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي مئجسٽريٽ جي عدالت سزا ٻڌائي.  گذريل سال 3 مارچ 2016ع تي بلوچستان مان گرفتار ڪيل، ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪارروايون ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي آهي.  ڪلڀوشن ياديو خلاف فوجي عدالت ۾ هڪ سال کان ڪيس هلندڙ هو، جنهن مٿس پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروايون ڪرائڻ ۽ دهشتگردن جي مدد ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيو.  آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڪلڀوشن ياديو ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث هو، عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران ڪل ڀوشن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف به ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪل ڀوشن جو ٽرائيل آفيشل سيڪريٽ 1993ع سيڪريسي ايڪٽ جي شق 3 تحت ڪارروائي ڪئي وئي.

آءِ ايس پي آر موجب ڪلڀوشن ياديو خلاف آرمي ايڪٽ جي سيڪشن 59 تحت ڪيس هلايو ويو، جنهن ۾ مٿس ڪراچي ۽ بلوچستان اندر دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيو، هن عدالت آڏو ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ڀارت ملوث آهي.  آءِ ايس پي آر جي پڌرائي موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ڪلڀوشن ياديو جي سزا جي منظوري ڏني به ڏئي ڇڏي آهي.  آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، ڪل ڀوشن ياديو ڀارتي نيوي جو حاضر سروس آفيسر هو، جنهن پاڪستان ۾ حسين مبارڪ پٽيل جي نالي سان سڃاڻپ سان رهندو هو.  پڌرائي موجب ڪل ڀوشن ياديو کي عدالت ۾ ڪيس هلڻ دوران کيس بچاءُ لاءِ ليگل ٽيم به مهيا ڪئي وئي هئي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*