سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف داخل ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست رد

Sindh-High-Court-14317

 سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني ادارن جي اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ خلاف داخل ريفرنس ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.  اڳوڻي سيڪريٽري علي احمد لنڊ تي مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 12 هزار 6 سئو غيرقانوني ڀرتيون ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي.  علي احمد رند وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم ذريعي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مٿس الزام بي بنياد آهن ۽ طبيعت خراب هئڻ ڪري کيس جيل ۾ تڪليف ٿئي ٿي.  عدالت اڳوڻي سيڪريٽري جي ضمانت واري درخواست ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، ان کا اڳ به عدالت اهڙي درخواست رد ڪري چڪي آهي.  واضح رهي ته نيب علي احمد لنڊ کي اسلام آباد مان گرفتار ڪيو هو، جيڪو هن وقت جيل ۾ قيد آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*