نوشهروفيروز ويجهو پيرسن ۽ نوجوان جا گوليون لڳل ۽ ڳلو ڪپيل لاش مليا آهن

Nosheroferoz

نوشهروفيروز ويجهو پيرسن ۽ نوجوان جا گوليون لڳل ۽ ڳلو ڪپيل لاش مليا آهن، دريا خان مري پوليس پيرسن جو لاش اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.  ڳوٺ الهڏتو جتوئي ڀرسان فصل مان 60 ورهين جي پيرسن محمود جتوئي جو گوليون لڳل لاش مليو، پڊعيدن پوليس پيرسن جو لاش تحويل ۾ وٺي نوشهروفيروز جي سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو.  ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻي هاشم جتوئي چيو ته سندس ڀاءَ محمود جتوئي گذريل ڏينهن شام جو زمين گهمڻ لاءِ وڃڻ بعد گم ٿي ويو هو، جنهن جو اڄ فصل مان گوليون لڳل لاش مليو آهي.  هاشم جتوئي چيو ته سندن ڪنهن سان ڪا به دشمني ناهي، واقعي جي صحيح نموني سان جاچ ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.  ٻئي طرف ٻانڌي ويجهو صدا واهه جي موري وٽ نوجوان جو ڳلو ڪپيل ۽ تشدد ٿيل لاش مليو، پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ اسپتال کڻائي وئي.  پوليس موجب مليل لاش جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، نوجوان جي سڄي ٻانهن تي مراد علي نالو لکيل آهي.  پوليس وڌيڪ چيو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جئين سندس وارث ايندا ته لاش سندن حوالي ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*