سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ نينگري سڙي فوت ٿي وئي ۽ لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ باهه لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ نينگري سڙي فوت ٿي وئي ۽ لکين روپين جو سامان سڙي رک ٿي ويو آهي. ڏيپلو ۾ راڳي ممتاز ڏيپلائي جي گهر کي چلهه جي چڻنگ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 16سالن جي نينگري دعا سڙي فوت ٿي وئي. شهدادڪوٽ شهر جي لکپت روڊ محلي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 5 گهرن ۾ رکيل الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. خانواهڻ ويجهو ڳوٺ بگو خاصخيلي ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ شهمير خاصخيلي ۽ نظير خاصخيلي جا گهر سڙي رک ٿي ويا. ڳڙهي خيري ويجهو ڳوٺ سهڻو لهر ۾ شارٽ سرڪٽ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ قربان ۽ غلام محمد گوپانگ جا گهر سڙي ويا.
متاثرن چيو ته گهرن ۾ باهه لڳڻ سبب اناج سميت ٻيو قيمتي سامان سڙي ويو آهي. اڏيرو لال ويجهو ڪولهي برادري جي گهرن ۾ باهه لڳڻ سبب 3 گهر سڙي ويا، گهرن ۾ باهه لڳڻ سبب اناج سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. باهه متاثرن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مالي مدد ڪري سندن ٻچن کي بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.