پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي

bilawal bhoto

پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، حڪومتي انتقامي ڪاررواين کي برداشت نه ڪيو ويندو.  لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سيالڪوٽ ۾ حڪومت ورڪرز ڪنوينشن جي اجازت نه ڏني، جنهن عمل کي برداشت نه ٿو ڪري سگهجي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت سندن ننڍن ننڍن ايونٽس کي برداشت نه پئي ڪري، اڃا سندن وڏا وڏا ايونٽ به رهيل آهن، هاڻ حڪومت جي انتقامي ڪاررواين کي برداشت نه ڪيو ويندو.  هن چيو ته حڪومت مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي، پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ وارو آهي.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي جيڪو وڻي ڀلي ڪري هو عوام سان گڏ آهي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندا رهندا..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*