ڪراچي جي صدر واري علائقي لائنز ايريا ۾ ڪاٺ جي پيتين کي لڳل باهه تي ضابطو اچي ويو
ڪراچي جي صدر واري علائقي لائنز ايريا ۾ ڪاٺ جي پيتين کي لڳل باهه تي ضابطو اچي ويو، ڪولنگ جو عمل جاري آهي. فائر برگيڊ عملي موجب گودام کي لڳل باهه ٽين درجي جي هئي جنهن کي وسائڻ لاءِ سموري شهر مان فائر برگيڊ جون گاڏيون طلب ڪيون ويون هيون. چيف فائر آفيسر تحسين احمد صديقي موجب باهه لڳڻ واري جاءِ تي بارودي سامان رکيل هو جنهن کي باهه لڳڻ کانپوءِ ڌماڪي جا آواز به ٻڌا ويا. وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي کي باهه تي جلد ضابطو آڻڻ جو حڪم ڏنو جنهن بعد هائيڊرو پمپس تي ايمرجنسي لاڳو ڪري پاڻي مهيا ڪيو ويو ۽ باهه تي ضابطو آندو ويو.