جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ سنينٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي

siraj and rehman

جماعت اسلامي جي امير سراج الحق ۽ سنينٽر رحمان ملڪ چيو آهي ته ڀارت، پاڪستان اندر دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ملڪ خلاف سازشون ڪندڙ را جا ايجنٽس ڪنهن به رحم جا حقدار نه آهن.  ڪلڀوشن ياديو بابت عدالتي فيصلي تي تبصرو ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته  ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، پوري قوم ان فيصلي تي هڪ آهي.  سراج الحق چيو ته ڪلڀوشن ياديو هڪ فرد نه پر آرگنائيزيشن جو نالو آهي، پاڪستان حڪومت کي ڪلڀوشن جو معاملو هر سطح تي اٿارڻ گهرجي ها.  پ پ سينيٽر رحمان ملڪ چيو ته ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو جنهن جا ثبوت به موجود آهن.  سندس چوڻ هو ته ڪو به ملڪ ڪنهن کي به قانون تبديل ڪرڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگهي، جاسوسي ڪندڙ جي ڏوهه جي سزا ڦاهي آهي، ملڪ خلاف سازشون ڪندڙن کي ڪنهن به ريت بخش نه ٿو ڪري سگهجي.  پ پ سينيٽر چيو ته مودي پاڪستان کي ٽوڙڻ جو چيو هو، ڪلڀوشن ياديو جي موت جي سزا سان دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن ڏانهن سخت پيغام ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*