پاڪستان هندو ڪائونسل دريا خان مري ۾ لوهاڻا برادري جي ماڻهن سان پيش آيل واقعي جي جاچ ايس ايس پي سطح جي آفيسر کان ڪرائڻ جو مطالبو

 hindu consil

پاڪستان هندو ڪائونسل دريا خان  مري ۾ لوهاڻا برادري جي ماڻهن سان پيش آيل واقعي جي جاچ ايس ايس پي سطح جي آفيسر کان ڪرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پرامن لوهاڻا برادري جي ماڻهن تي ڀتي لاءِ حملو ڪيو ويو هو.   هندو ڪائونسل  جي 6  ڄڻن تي مشتمل وفد درياهه خان مري ۾ ٿيل واقعي جي سلسلي  ۾ نوابشاهه جو دورو ڪيو.   وفد جي اڳواڻن ڄيٺا مل کيلاڻي، شام لال منگلاڻي ۽ ٻين چيو ته ڳوٺ دريا خان مري  ۾ لوهاڻا برادري جي ماڻهن تي حملو ڪري عورتن سان بدتميزي ڪئي وئي.  هنن وڏي وزير ، ڊي جي رينجرس ۽ ايم اين اي فريال ٽالپر کان  مطالبو ڪيو ته واقعي جي ايس ايس پي  شهيد بينظير آباد کان جاچ ڪرائي لوهاڻا برادري سان انصاف ڪيو وڃي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*