بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي اداري را جي ايجنٽ ڪلڀوشن کي سزا ملڪ جي قانون موجب ڏني وئي آهي

Khuwaja-Asif-211116بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارتي ڳجهي اداري را جي ايجنٽ ڪلڀوشن کي سزا ملڪ جي قانون موجب ڏني وئي آهي، ملڪ کي غيرمحفوظ ڪرڻ وارن دشمنن سان رعايت نٿي ڪري سگهجي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪلڀوشن پاڪستان ۾ ڪاررواين جو اعتراف ڪيو هو، ان ڪري کيس ملڪي  قانون موجب ڏني وئي.  وفاقي وزير چيو ته اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو ۽ کين  سختي سان منهن ڏنو وڏيندو.

خواجا آصف چيو ته ڪلڀوشن کي مليل سزا اسان خلاف سازشون ڪندڙن لاءِ وارننگ آهي، جيڪڏهن ڀارت معاملو عالمي سطح تي کڻي ويو ته پاڪستان ڀرپور دفاع ڪندو.  وفاقي وزير چيوته ڀارتي حڪومت پاڪستان خلاف رياست دهشت گردي ڪري رهي آهي، جنهن ڪري ڀارت سان لاڳاپا خوشگوار ۽ آئيڊيل ناهن، پاڪستان کي اولهه واري سرحد وٽان به خطرا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*