سنڌ حڪومت جي لاپرواهي جي حد آهي جو هيل تائين ملير حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش وارثن حوالي ناهن ٿي سگهيا حليم عادل شيخ

ملير ڀرسان لنڪ روڊ حادثي ۾ فوت ٿيل 63 ڄڻن مان 25 جا لاش گذريل ڏينهن ڊي اين اي ٽيسٽ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته وڌيڪ لاشن جي ڊي اين اي رپورٽ نه اچڻ ڪري لاش وارثن کي ناهن ملي سگهيا، ق ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته انتظاميا لاش وارثن حوالي نه پئي ڪري.

ملير ڀرسان خوفناڪ حادثي بعد فوت ٿيل 63 ڄڻن مان گذريل ڏينهن 25 جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا هئا، جڏهن ته اڄ وڌيڪ ڪجهه لاش سڃاڻپ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويندا.

گذريل ڏينهن لاش وصول ڪندڙ وارثن طرفان پنهنجي پيارن جا مڙهه پنهنجي پنهنجي اباڻن ڳوٺن ۾ دفنايا ويا هئا.

ملير حادثي ۾ فوت ٿيل ويل مديجي  واسي نوجوان خادم حسين ڪيهر جو اڄ ڳوٺ دائود جي وانڍ ۾ جناز نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.

نوجوان جي جناز نماز ۾ ڊي سي شڪارپور ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن شرڪت ڪئي.

حادثي ۾ فوت ٿيلن 63 لاش سڃاڻپ جوڳا نه هئڻ ڪري ايڌي سرد خاني ۾ رکيا ويا هئا، جيڪي هاڻي ڊي اين اي ٽيسٽ کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا وڃن.

ق ليگ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اسپتال انتظاميا لاش وارثن حوالي نه پئي ڪري.

هن چيو ته مختلف فوتين جا وارثن صبح 8 وڳي کان در بدر آهن، پر هيل تائين سندس پيارن لاش ناهن مليا.

حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ حڪومت  جي لاپرواهي جي حد آهي، ايس ايڇ او ۽ ايم  ايل او نه اچڻ ڪري  هيل تائين لاش وارثن حوالي ناهن ٿي سگهيا.

حليم عادل شيخ چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي جو ڪارڪن فوت ٿئي ها ته انهن جي وارثن کي لاش جلد ملي وڃي ها پر سنڌ جا غريب ماڻهو لاوارث آهن، جنهن سبب ڪير سندن دانهن ٻڌڻ وارو ناهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*