سوات جي نياڻي ملاله يوسف زئي کي گڏيل قومن طرفان امن جو سفير مقرر ڪيو ويو

Malala Yousif UN

سوات جي نياڻي ملاله يوسف زئي کي گڏيل قومن طرفان  امن جو سفير مقرر ڪيو ويو، ملاله يوسف زئي مئسينجر آف پيس جو اعزاز حاصل ڪندڙ تاريخ جي سڀ کان ننڍي عمر واري شخصيت بڻجي وئي.  نيويارڪ ۾گڏيل قومن جي آفيس ۾هڪ تقريب دوران ملاله يوسف زئي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتريس مئسينجر آف پيس مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.  هن چيو ته ملاله يوسف زئي کي مئسينجر آف پيس مقرر ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي.

گڏيل قومن  جي سيڪريٽري جنرل انٽونيو گوتريس ملاله يوسفزئي کي امن جو ميڊل به ڏنو. تقريب ۾خطاب دوران ملاله يوسفزئي پاڪستاني شهري هئڻ تي فخر جو اظهار ڪيو.  هن چيو ته آئون دهشتگرد ۽ انتهاپسند نه پر پاڪستان جي نمانئنده آهيان، منهنجو پيغام آهي ته تبديلي لاءِ ڇوڪريون اهم ڪردار ادا ڪن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*