ايراني صدر حسن روحاني شام تي آمريڪي بمباريءَ جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي چتاءُ

iran president

ايراني صدر حسن روحاني شام تي آمريڪي بمباريءَ جي سخت لفظن ۾مذمت ڪندي چتاءُ ڏنو آهي ته شام تي  ٻيهر حملا ٿيا ته ايٽمي معاهدو خطري ۾ پئجي ويندو.  تهران ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايراني صدر حسن روحاني چيو ته  ڪيميائي حملا آمريڪي پروپئگنڊا کان سواءِ ڪجهه به ناهن.   هن چيو ته  امريڪا شام تي هوائي  حملا ڪري  بي گناهه ماڻهن جو رت وهايو ۽ شام جا ايئربيس تباهه ڪري ڇڏيا، ان ڪارروائي کي سفاڪ ڪارروائي ڪوٺي سگهجي ٿو.  ايراني صدر  ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن شام تي  ٻيهر حملا ٿيا ته ايٽمي معاهدو ختم ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*