ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جي ڌار ڌار ڪاررواين دوران ايم ڪيو ايم لنڊن سان لاڳاپيل هڪ جوابدار سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار

Rangers-Karachi-121016

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز  جي  ڌار ڌار ڪاررواين دوران ايم ڪيو ايم لنڊن سان لاڳاپيل هڪ جوابدار سميت 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.  ملير ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪارروائي ڪري فليٽ ۾لڪيل هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.  سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جو تعلق ايم ڪيو ايم لنڊن سان آهي.  سيڪيورٽي ذريعن موجب جوابدار کي جاچ جي سلسلي ۾پڇا ڳاڇا لاءِ اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي.

تيموريه پوليس ڪارروائي ڪري ٻن اسٽريٽ ڪرمنلز کي ڦر ڪيل هڪ موٽرسائيڪل سميت گرفتار ڪيو.  ايس پي گلبرگ موجب جوابدار اسٽريٽ ڪرائيم جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث آهن، سندن  قبضي مان هٿيار ۽ موبائل فونز هٿ ڪيا ويا.  گلشن اقبال بلاڪ 5 ۾ هڪ فليٽ اندر ڌاڙي جي ڪوشش دوران ٻه ڦرو پڪڙجي پيا.  پوليس موجب جوابدار فليٽ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.  پوليس موجب ٻنهي ڏوهارين کي مقابلي دوران گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*