پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ سيريز جي فيصلائتي ون ڊي ميچ اڄ برج ٽائون گيانا ۾ کيڏي ويندي

west indies

پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جي ٽيمن وچ ۾ ٽين ۽ سيريز جي فيصلائتي ون ڊي ميچ اڄ برج ٽائون گيانا ۾ کيڏي ويندي، سيريز هڪ-هڪ ميچ سان برابر آهي.  2019 ۾رٿيل ڪرڪيٽ ورلڊڪپ تائين سڌو ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ هي سيريز ٻنهي ٽيمن لاءِ وڏي اهيمت واري آهي.  ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان خلاف آخري سيريز 26سال پهرين 1991۽92 ۾ پاڪستان ۾ ٻڙي جي ڀيٽ ۾ ٻن ميچز تان پنهنجي نالي ڪئي هئي، جنهن بعد ٿيل اٺ ون ڊي سيريز ۾ قومي ٽيم کي فتح حاصل ٿي.

ٽن ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز هڪ-هڪ ميچ سان برابر آهي، جيسن محمد پهرين ون ڊي ميچ ۾ 91رنز جي اننگ کيڏي ٽيم کي ڪاميابي ڏيارڻ اهم ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته ٻين ون ڊي ميچ ۾ بابر اعظم جي شاندار سنچري ۽ حسن علي جي بهترين بالنگ سبب قومي ٽيم ميزبان ٽِيم کي 74رنز تان شڪست ڏئي سيريز کي هڪ-هڪ ميچ سان برابر ڪيو.  اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ ميزبان ٽيم جي ڪپتان جيسن هولڊر ۽ قومي ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد ڪاميابي جي اميد ظاهر ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*