اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پارليامينٽ لاجز جي فرنيچر جو ٺيڪو رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، پارليامينٽ لاجز جي فرنيچر جو ٺيڪو رد ڪري ڇڏيو آهي، جسٽس شوڪت عزيز ريمارڪس ڏنا آهن ته سي ڊي اي ۾ قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر جي دٻاءَ تحت مقرريون ٿي رهيون آهن، معاملي جو وزيراعظم نوٽيس وٺي، عدالت ڪارروائي ڪئي ته گهڻا نااهل ٿي ويندا.

جسٽس شوڪت عزيز جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي بينچ پارليامينٽ لاجز جي فرنيچر جي ٺيڪي خلاف پرائيوٽ فورم جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته  من پسند ماڻهن جي چوڻ تي ٺيڪو ڏنو پيو وڃي، ٺيڪي ۾ پيپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.

عدالت، سي ڊي اي چيئرمين تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ٺيڪو رد ڪري ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته پيپرا رولز جي تحت ٺيڪو ڏنو وڃي.

جسشس شوڪت عزيز ريمارڪس ڏنا ته سي ڊي اي ۾ ڊپٽي اسپيڪر قومي اسيمبلي جي چوڻ تي مقرريون ٿي رهيون آهن، ڊپٽي ڊائريڪٽر جي مقرري لاءِ 80 لک رپيا رشوت ڏئي ڪيئن مقرر ٿي آهي.؟

جسٽس شوڪت چيو ته وزيراعظم معاملي جو نوٽيس وٺي، جيڪڏهن عدالت ڪارروائي ڪئي ته گهڻا ئي نااهل ٿي ويندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*