شڪارپور ۾ امام بارگاهه اندر جمعي نماز دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 51 نمازي شهيد 50 کان وڌيڪ زخمي

شڪارپور ۾ امام بارگاهه ڪربلا مولا ۾ جمعي نماز دوران ڌماڪي جي نتيجي ۾ 51 نمازي شهيد ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين مان ڪيترن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ڌماڪي بعد شڪارپو، سکر، لاڙڪاڻو جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، شڪارپور اسپتال مان آڪسيجن ختم ٿي وئي آهي.

شڪارپور جي لکي در واري علائقي ۾ مرڪزي امام بارگاهه ڪربلا ۾ جمعي جي نماز جو خطبو جاري هو ته زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ 51 نمازي شهيد ٿي ويا ۽  50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، زخمين کي شڪارپور جي سول اسپتال، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.

سول اسپتال جي ايم ايس شوڪت ميمڻ موجب، ڌماڪي جي نتيجي ۾ 51 نمازي شهيد ٿيا آهن، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ زخمي آهن.

ايمبولينس نه هئڻ سبب ڌماڪي جي زخمين ۽ شهيدن جي لاشن کي پڪ اپ، چنگي رڪشن ۽ گڏهه گاڏن ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته سول اسپتال ۾ سهولتن جي کوٽ هئڻ سبب زخمين کي طبي سهولتون ڏيڻ ۾ سخت ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن.

شڪارپور سول اسپتال ۾ آڪسيجن ختم ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ زخمين جي علاج ۾ وڌيڪ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن.

ڌماڪي کانپوءِ سول اسپتال شڪارپور، سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سوڳ ۾ شهر پڻ بند ٿي ويو آهي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ شهيد ٿيلن ۾ غلام مرتضِيٰ شاهه، زوار شاهه، امداد چنو، شبير مڱڻهار، زاهد چنو، سهيل شيخ، ارشاد شيخ، مريد علي، پوليس اهلڪار خادم چنو، وحيد احمد، علي گوهر شر، صابر شاهه، ارشاد بابلاڻي، آزاد بابلاڻي،  ڊاڪٽر جاويد شاهه، خادم ناپر، سهيل ميمڻ، محمد عثمان شيخ، علي گل حاجاڻو، پير بخش منگي، خيرمحمد جعفراڻي، احسان شاهه، محمد پرويز، محمد سومرو، آشان، نور احمد، عطا شر، قمر عباس،بابر علي، مقبول شاهه، عادل، عزيز احمد ۽ سونو شيخ شامل آهن.

ايس ايس پي شڪارپور ثاقب اسماعيل ميمڻ ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ڌماڪي ۾ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن پر مارجي ويلن جي انگ بابت هو ڪجهه نٿو ٻڌائي سگهي.

هن چيو ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ بعد ڌماڪي جي نوعيت معلوم ٿي سگهي ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ ايس ايس پي شڪارپور چيو ته ڌماڪو ريموٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو يا آپگهاتي هو، ان حوالي سان وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڊي سي شڪارپور چيو ته هن وقت رت جي سخت ضرورت آهي، عوام کي اپيل آهي ته رت جو عطيو ڏنو وڃي.

بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي طاهر مغل ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته، ابتدائي جاچ مان معلوم ٿيو آهي ته ڌماڪيدار مادو 5 کان 7 ڪلو وزني هو.

هن چيو ته ڌماڪو جوابدارن پاران هڪ بيگ ۾ رکيو ويو هو پر ڌماڪي بابت اِهو نه ٿو چئي سگهجي ته اُهو رموٽ ڪنٽرول هو يا خودڪش ڌماڪو هو.

لاڙڪاڻي ڊويزن جي هيلٿ ڊائريڪٽر مرتضيٰ سومرو لکي غلام شاهه، ڳڙهي ياسين جي ڊاڪٽرز ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي شڪاروپور سول اسپتال پهچڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پ پ ايم اين اي فريال ٽالپر به شڪارپور ڌماجي جي مذمت ڪندي ڪارڪنن کي امدادي سرگرمين ۽ رت جو عطيو ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*