سڪرنڊ ۽ ٻانڌي شگرملن خلاف نيب کي درخواست ڏيندڙ آبادگار اڳواڻ امير علي جمالي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي

Nawabshah protest

سڪرنڊ ۽ ٻانڌي شگرملن خلاف نيب کي درخواست ڏيندڙ آبادگار اڳواڻ امير علي جمالي پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.   سڪرنڊ شگر مل ۽ ٻانڌي شگر مل جي انتظاميا خلاف نيب کي درخواست ڏيندڙ سنڌ آبادگار بورڊ ضلعي بينظير آباد جو نائب صدر اميرعلي جمالي درخواست جي شنوائي کان هڪ ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي.  انسلسلي ۾پراسرار نموني گم ٿيل امير علي جمالي جي ڀاءُ امتياز علي جمالي نوابشاهه پريس ڪلب پهچي ٻڌايو ته سندس ڀاءُ دوڙ ۾ سومهڻي جي نماز پڙهڻ کانپوءِ گهر موٽي رهيو هو ته  رستي مان کنڀجي ويو آهي.  هن چيو ته سڪرنڊ شگرمل ۽ ٻانڌي شگرمل جي انتظاميا پاران آبادگارن سان ڪيل  مبينا زيادتين خلاف سندس ڀاءُ جي ڏنل درخواست تي اڄ نيب وٽ شنوائي رکيل هئي.

هن وڌيڪ چيو ته هو سندس ڀاءُ جي کنڀجڻ جي رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ دوڙ ٿاڻي تي ويا، پر پوليس رپورت داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري چڏيوآهي.    امتياز جمالي الزام هنيو ته سندس ڀاءُ کي ٽي مهينا اڳ به دوڙ پوليس کنڀي گم ڪيو هو ، جنهن کي عدالتي ڇاپي ۾ بازياب ڪرايو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*