ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا اچڻ کانپوءِ ڀارت ڌمڪين تي لهي آيو

India

ڀارتي ايجنٽ ڪلڀوشن ياديو کي موت جي سزا اچڻ کانپوءِ ڀارت ڌمڪين تي لهي آيو، ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج ڪلڀوشن جي سزا کي کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪلڀوشن ياديو ڀارت جو پٽ آهي، کيس بچائڻ لاءِ هــُو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا.  ڀارتي سينيٽ ۾ بيان ڏيندي پرڏيهي وزير سشما سوراج چيو ته هو ڪلڀوشن ياديو جي معاملي کان  بي خبر ناهن، سندس گهر وارن سان به رابطو آهي.  ڀارتي پرڏيهي وزير ڪلڀوشن خلاف پاڪستان جي ڪارروائي کِل جوڳي آهي، پاڪستان کي ڪلڀوشن خلاف ڪارروائي بعد متاثر ٿيندڙ ٻه طرفن لاڳاپن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي.  سشما سوراج چيو ته ڪلڀوشن ياديو ڀارت جو پٽ آهي، سندس معاملي تي سپريم ڪورٽ جو وڪيل ڪيو ويندو، ضرورت پوڻ تي ڀارتي صدر سان به رابطو ڪيو ويندو. ياد رهي ته ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديو کي گذريل ڏينهن موت جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*