پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا دوست ملڪ اقتصادي راهداري کان خوش آهن

Shahbaz-Sharif-27117

پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جا دوست ملڪ اقتصادي راهداري کان خوش آهن، منصوبي سان پاڪستان سميت خطي ۾ خوشحالي ايندي.  لاهور ۾ ريلوي واري وفاقي وزير سعد رفيق پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.  ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته اقتصادي راهداري ۾ ٻين ملڪن جي شامل ٿيڻ خواهش سٺو سنوڻ آهي.  سندس چوڻ هو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان پاڪستان سميت خطي ۾ خوشحالي ايندي.

هن چيو ته ترقياتي منصوبن کي شفاقيت کي يقيني بڻائڻ سبب هاڻ ڪو به سندن خلاف آڱر نه ٿو کڻي سگهي.  پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهن ڌرڻن ۽ احتجاجن جي ذريعي ملڪ جي ترقي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر باشعور عوام ان کي ناڪام بڻايو.  سندس چوڻ هو ته نواز ليگ عوام سان ڪيل واعدن کي پاڙي رهي آهي، عوامي خوشحالي لاءِ هو جدوجهد جاري رکندا.  شهباز شريف چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي سان واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*