دولت پور صفن ۾ خوراڪ کاتي پاران آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال

Dolatpur

دولت پور صفن  ۾ خوراڪ کاتي پاران آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ خلاف آبادگار ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.  شهر ۾ شٽربند هڙتال سبب سڀئي ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز، مارڪيٽون ۽ دڪان بند رهيا.   ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آبادگار اڳواڻن خادم انڙ، اياز انڙ ۽ ٻين الزام هنيو ته خوراڪ کاتي جا عملدار بارداڻو غريب آبادگارن  کي ڏيڻ بدران پيسن عيوض واپارين کي وڪرو ڪري رهيا آهن.  هنن چيو ته بارداڻو نه ملڻ ڪري آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن.  آبادگارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته کين بارداڻو فراهم ڪري ڪرپشن ۾ ملوث خوراڪ کاتي جي عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*