ڪراچي ۾ شديد گرمي کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن

heat

ڪراچي ۾ شديد گرمي کي نظر ۾ رکندي حڪومت طرفان اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن، گرم موسم ۾ شهرين کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، صوبي جي باقي شهرن ۾ انتظاميا پاران ڪٿي به هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم نه ڪيا ويا آهن.  ڪراچي ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ تي اچي وڃڻ ۽ سخت گرميءَ کي نظر ۾ رکندي صوبائي توڙي ضلعي حڪومت پاران سرڪاري اسپتالن ۾ هيٽ اسٽروڪ سينٽرز قائم ڪيا ويا آهن.  ماهرن جو چوڻ آهي ته گرم موسم ۾ خاص طور تي صبح 11 وڳي کان شام 5 وڳي دوران ماڻهو غير ضروري طور گهر کان ٻاهر نه نڪرن ۽ مٿو مڪمل طور ڍڪي رکڻ سان گڏوگڏ پاڻيءَ جو وڌ کان وڌ استعمال ڪن. ڪراچي جي ميئر وسيم اختر ڪي اليڪٽرڪ کي گرمي جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ لاءِ لکت ۾ درخواست ڏني آهي، جڏهن ته واٽر بورڊ کي به سمورن علائقن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي.  ڪراچي جي ميئر سمورن ضلعي چيئرمينز ۽ وائيس چيئرمينز کي پنهنجي پنهنجي ضلعي اندر هيٽ اسٽروڪ سينٽرز بڻائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.  ڪراچي کانسواءِ حيدرآباد، دادو، نوابشاهه، لاڙڪاڻي، سکر، شڪارپور ۽ جيڪب آباد سميت سمورن علائقن ۾ سج بجلي ڪيرائي رهيو آهي پر سخت گرمي باوجود ڪٿي به هيٽ اسٽروڪ سينٽر قائم نه ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*