والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف اڄ به مڪمل شٽر بند هڙتال آهي

Kashmir-Strike

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت خلاف اڄ به مڪمل شٽر بند هڙتال آهي، حريت اڳواڻ علي گيلاني جي گهر ٻاهران به سڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، اننت ناگ ۾ ننڍي چونڊ 25 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.  والاريل ڪشمير ۾ ٽئين ڏينهن به هٿ ٺوڪي چونڊن ۽ ڀارتي ظلم خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي، ڀارتي انتظاميه طرفان انٽرنيٽ سروس به معطل ڪئي وئي.  ڪشمير ميڊيا سروس موجب، ٻن ڏينهن ۾ ڀارتي فورسز هٿان 12 ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن.

ڪشمير ميڊيا سروس موجب، اننت ناگ ۾ ننڍي چونڊ 25 اپريل تائين ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ انٽرنيٽ سروس به معطل آهي.  سري نگر ۾ حريت اڳواڻ علي گيلاني جي گهر ٻاهران بارڊر سڪيورٽي فورسز کي مقرر ڪيو ويو آهي.  حريت ترجمان موجب، سيد علي گيلاني کي کي قابض انتظاميه 2010ع کان گهر ۾ نظر بند ڪري رکيو آهي.  حريت ترجمان موجب، ڪو به ماڻهو علي گيلاني سان ملي نه پيو سگهي، اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سندس حوصلا ڪمزور نه ٿا ٿي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*