موري ويجهو جوابدارن سان جهيڙي ۾شهيدٿيل پوليس اهلڪار کي پڊعيدن ڀرسان سلامي ڏيڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

Pandedin

موري ويجهو جوابدارن سان جهيڙي ۾شهيدٿيل پوليس اهلڪار کي پڊعيدن ڀرسان سلامي ڏيڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو ، شهيد اهلڪار جي وارثن کي50 لک رپيا ۽ 2 نوڪريون ڏين جو اعلان ڪيو.

 موري جي گچيرو روڊ تي نول پاڙي ۾ پوليس طرفان جوابدارن جي گرفتاري لاءِ هنيل چاپي دوران جوابدارن سان جهيڙي ۾شهيد ٿيل پوليس اهلڪار کي جنازي نماز کانپوءِ پڊعيدن ويجهو ڳوٺ جيئو ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

پوليس طرفان شهيد غلام حيدر کي سلامي ڏني وئي ، جنازي نماز ۾ شرڪت بعد ايس ايس پي نوشهروفيروز  پرويز چانڊيو شهيد اهلڪار جي وارثن کي50 لک رپيا، پوليس لائين ۾ پلاٽ ۽ 2 نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

   ان موقعي تي ايس ايس پي  پرويز احمد چانڊيو چيو ته اهلڪار جي شهادت تي پوليس کاتي کي فخر آهي .

 هن چيو ته واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي مورو جي اڳواڻي ۾ ڪميٽي جوڙي وئي آهي ، جڏهن ته ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

 واضح  رهي ته پوليس موري جي گچيرو روڊ تي نول پاڙي ۾ جوابدرن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي ته جوابدارن سان جهيڙو ٿي پيو ، جنهن ۾ لٺيون ۽ سرون  لڳڻ سبب پوليس اهلڪار غلام حيدر خاصخيلي فوت ۽ سبحان راڄپر زخمي ٿي پيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*