پ پ سينٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته پهريان سياسي مخالفن سان نيب جي ذريعي حساب ورتو ويندو هو

Babarپ پ سينٽر فرحت الله بابر چيو آهي ته پهريان سياسي مخالفن سان نيب جي ذريعي حساب  ورتو ويندو هو،هاڻي نئون طريقو ڪڍيو ويو آهي ته سياسي مخالفن کي گم ڪيو وڃي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فرحت الله بابر چيو ته  حڪومت ۽ پارليامينٽ گم ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي،جنهن تي کيس افسوس آهي.  سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي سياسي اسڪورنگ ۽ سياسي هيرا ڦيري لاءِ گم ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته سڀاڻي  هو به گم ٿي سگهي ٿو ڇاڪاڻ ته هو به آصف زرداري جو ويجهو ساٿي آهي.  سينٽر فرحت الله بابر چيو ته پهريان ماڻهن کي قومي مفاد جو چئي گم ڪيوويندو هو.  پ پ سينٽر جو چوڻ هو ته  گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي سرڪار جو موقف آهي ته کين ڪابه خبر نه آهي،جنهن تي ائين ٿو لڳي ته حڪومت جو واڳون آسماني مخلو ق  جي هٿ ۾ آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*