قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته، ٻڌايو وڃي ته هڪ ئي پارٽي جي ٽن ماڻهن کي مختلف هنڌن تان ڇاڪاڻ کنيو ويو

khurshid-shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته، ٻڌايو وڃي ته هڪ ئي پارٽي جي ٽن ماڻهن کي مختلف هنڌن تان ڇاڪاڻ کنيو ويو، گم ٿيل سٺا هئا يا خراب ان جو فيصلو عدالت ڪندي، حڪومت جي  خاموشي ۽ ڪمزور سمجهه کان ٻاهر آهي، حڪومت جيستائين پڪ نه ڪرائيندي احتجاج ڪندا رهنداسين.  اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته، وفاقي گهرو کاتي جي مملڪتي وزير بليغ الرحمان جو سيينٽ ۾ بيان ايوان جي توهين آهي، جنهن ۾ هن چيو ته کيس ان بابت ڪا خبر نه آهي،اسلام آباد ۾ اهڙي صورتحال هوندي تي ملڪ جي ٻين حصن  جو ڇا ٿيندو.  مخالف ڌر جي اڳواڻ جو وڌيڪ چوڻ هو ته، ٻڌايو وڃي ته، هڪ ئي پارٽي جي ٽن ماڻهن مختلف هنڌ تان ڇاڪاڻ اغوا ڪيو ويو، هو سٺا هئا يا خراب ان جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، قانون آهي ته جنهن کي به گرفتار ڪيو انکي 24 ڪلاڪن اندر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ڪيترائي ڏينهن گذري ويا پر انهن کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو ويو آهي.  هن چيو ته، ملڪ ۾ آئين ۽ قانون هجڻ باوجود ان تي عمل نه پيو ٿئي، آئين جا بکيا اڍيڙيا پيا وڃن، اسان اڄ به پارليامنٽ ۽ آئين جي بالادستي لاءِ دانهون ڪوڪون ڪري رهيا آهيون.  هن چيو ته، تازوئي گرفتار ڪيل ماڻهن کي 24 ڪلاڪن اندر پيش ڪرڻ بابت آئيني ترميم منظور ڪئي وئي، جنهن کي مهينو مَس گذريو آهي پر ان تي عمل نه پيو ٿئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*