پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل بابت هو پر اميد آهي

Mickey-Arthur-Pakistan-Cricket-Coach-13417

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر چيو آهي ته هو گهڻو پراميد آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مستقبل بابت هو پر اميد آهي.

گيانا ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم ويسٽ انڊيز خلاف رٿيل ٽيسٽ سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ ڀرپور تيارين ۾ مصروف آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪي آرٿر چيوته فٽنس ۽ ٽريننگ کي رانديگرن لاءِ چيلينج بڻائي ڇڏيو آهي.

هن چيو ته شرجيل خان جهڙي اسٽروڪ پليئر کي وڃائڻ تي ٽيم لاءِ وڏو ڌچڪو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته موجوده ٽيم ۾ پاور هٽرز جي ڪمي آهي، جنهن سبب هر ميچ ۾ مجموعي طور تي ٽيم 20 کان 30رنز گهٽ ٺاهي ٿي.

مڪي آرٿر جوچوڻ هوته  پاڪستان جي ٽيم 20هين صدي جي ڪرڪيٽ کيڏندي رهي آهي،جنهن سبب سمورن رانديگرن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته جديد دور جي ڪرڪيٽ کيڏڻي پوندي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊڪوچ مڪي آرٿر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ جونه هجڻ ۽ آءِ  پي ايل جهڙو ايڪسپوزر نه ملڻ وڏي حقيقت آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*