نوبل انعام يافته ملالا يوسف زئي پاڪستان واپس اچڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو

malala-Younaf-zai-13417

نوبل انعام يافته ملالا يوسف زئي پاڪستان واپس اچڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو، ملالا چيو آهي ته نياڻين جي تعليم تي پاڪستان جي سمورين سياسي جماعتن کي متفق ٿيڻ گهرجي، دهشتگرد پاڪستان جا درست نمائندا نه آهن.

ڪينيڊا جي اعزازي شهريت حاصل ڪرڻ بعد هڪ خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ملالا يوسف زئي چيو ته کيس پاڪستان تمام گهڻو ياد اچي پيو، هوءَ تمام جلد پاڪستان ايندي.

سندس چوڻ هو ته کيس پاڪستان تمام گهڻو ياد اچي پيو، پاڪستان ۾ نياڻين جي تعليم لاءِ جاکوڙڻ جي ضرورت آهي.

ملالا يوسفزئي چيو ته هو پاڪستاني آهي، جنهن تي کين فخر آهي، هو پاڪستان کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪندا رهندا.

ملالا يوسفزئي چيو ته پاڪستان جو تعارف دهشتگرد ناهن، هن سميت پنهنجن حقن لاءِ وڙهندڙ عورتون ئي پاڪستان جون نمائندا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*