پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، مختلف علائقن ۾ افغان شهرين سميت 82 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو

Hafizabad-Gun-recorved-13417

پنجاب ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري آهي، مختلف علائقن ۾ افغان شهرين سميت 82 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو. حافظ آباد مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿيار هٿ ڪيا ويا.

حافظ آباد ۾ پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اهلڪارن گڏيل ڪومبنگ آپريشن ڪري 57 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو، جن مان 16 افغان شهرين خلاف فارين ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

ذريعن موجب، آپريشن دوران وڏي انگ ۾ هٿيار به هٿ ڪيا ويا، جن ۾ جي ٿري، ايس ايم جي، بندوق، 12 بور پسٽل سميت وڏي انگ ۾ گوليون شامل آهن.

ذريعن موجب، ڪومبنگ آپريشن حافظ آباد، جلالپور ڀٽيان ۽ سيکڪي وارن علائقن ۾ به ڪيو ويو، جتان گرفتار ٿيل 20 ڄڻن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو.

رحيم يار خان ۾ به پوليس سرچ آپريشن ڪري 25 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 252 ليٽر شراب، هڪ ڪلو چرس، 60 ڪلو ڀنگ هٿ آئي آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*