ڊيرا غازي خان ۾ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا

dera gazi

ڊيرا غازي خان ۾ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن وٽان آپگهاتي جيڪٽس ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.

صدو تونسا ٿاڻي جي حد ۾ رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن دهشتگردن تي ڇاپو هنيو ته دهشتگردن اهلڪارن تي فائرنگ ڪري ڏني.

اهلڪارن جي جوابدار فائرنگ ۾ 3 دهشتگرد مارجي ويا، جن جي قبضي مان چار آپگهاتي جيڪٽس، 8 ڪلو ڌماڪيدار مادو ۽ بم ۾ استعمال ٿيندڙ جديد سامان هٿ ڪيو ويو.

ذريعن موجب، ڇاپو ڳجهي اطلاع تي هنيو ويو، جڏهن ته ٽنهي دهشتگردن جا لاش رينجرز تحويل ۾ وٺي جاچ وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*