سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي

multi elections

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ جي سلسلي ۾ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، موئن جو دڙو ويجهو اي ايس آءِ جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار مارجي ويو.

موهن جو دڙو ويجهو يوسي ڪاراڻي جي پولنگ ڳوٺ ٻـُٽڙا ۾ اهلڪارن ۾ جهيڙي سبب هڪ اهلڪار جي مارجڻ بعد ووٽنگ جو عمل ڪجهه وقت لاءِ بند ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويوآهي.

تنگواڻي ويجهو يوسي بالڪاڻي جي وائيس چيئرمين واري سيٽ تي پولنگ جاري آهي، پولنگ ارباب باجڪاڻي ۾ ٻن اميدوارن جي حامين ۾ جهيڙي بعد ووٽنگ جو عمل ڪجهه وقت لاءِ بند ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

جي يو آءِ ف پاران يوسي بالڪاڻي جي وائيس چيئرمين واري سيٽ تي ننڍي چونڊ جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي، تعلقي جي اڳواڻ ڪفايت الله کوسي الزام هنيو ته پولنگ ايجنٽ پ پ اميدوار جي حمايت ڪري رهيا آهن.

       سکر جي يونين ڪميٽي 25 سعيد آباد جي سيٽ تي پ پ ، جعميت علماءَ اسلام ف ۽ نون ليگ اميدوار سميت 10 اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي.

يونين ڪميٽي 9 نئين ڳوٺ جي چيئرمين واري سيٽ لاءِ 12 اميدوارن ۾ مقابلو جاري آهي، يونين ڪائونسل 6 ڪوٽڙي وارڊ هڪ ۽ يو سي 7 ڍنڍ وارڊ 2 جي جنرل ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ چونڊ عمل جاري آهي، جتي پ پ ، جي يو آءِ  ۽ فنڪشنل ليگ جي اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي.

شڪارپور جي وارڊ 23 تي ڪائونسلر جي سيٽ ۽ يوسي والس آباد جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي ووٽنگ جاري آهي، سيڪيورٽي جا انتطام سخت ڪيا ويا آهن.

ڊکڻ جي يونين ڪائونسل بڊو جي وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پ پ ۽ آزاد اميدوار ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ٺل ميونسپل ڪميٽي جي وارڊ 5 جي ڪائونسلر واري سيٽ تي 5 اميدوارن ۽ يوسي لوگي جي ضلعي ڪائونسلر واري سيٽ تي پ پ ۽ جي يو آءِ ف اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي.

ٺٽي جي يوسي جهنگ شاهي جي ضلعي ڪائونسلر جي سيٽ تي ووٽنگ جاري آهي، پ پ ۽ آزاد اميدوار ۾ سخت مقابلو آهي، سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ٽنڊي ڄام جي يوسي 2 ٻارچاڻي جي چيئرمين واري سيٽ تي ووٽنگ جاري آهي، پولنگ تي صرف ٻه پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

ڪوٽڏيجي ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 8 جي پولنگ تي پ پ ۽ فنڪشنل ليگ جي حامين ۾ جهيڙو ٿيڻ سبب ووٽنگ جو عمل ڪجهه وقت لاءِ بند ڪرڻ بعد ٻيهر شروع ڪيو ويو آهي.

ڪوٽڏيجي جي يوسي گوندهڙو ۾ چيئرمين جي سيٽ تي ننڍي چونڊ لاءِ پ پ ۽ فنڪشنل ليگ جي اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي، سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

باڊهه جي وارڊ نمبر 12 جي ڪائونسلر  واري سيٽ تي چونڊ عمل جاري آهي، جتي پ پ ۽ انڙ گروپ جي اميدوارن ۾ مقابلو آهي.

ميهڙ جي يوسي ٻليدائي ۾ چيئرمين جي سيٽ تي پ پ ۽ عوامي اتحاد جي اميدوارن ۾ سخت مقابلو آهي، سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*