بجلي لوڊشيڊنگ تي قومي اسيمبلي جو ماحول گرم ٿي ويو، عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ ۾ 183 فيڊرز تي 80 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي

National-Assembly-3217

بجلي لوڊشيڊنگ تي قومي اسيمبلي جو ماحول گرم ٿي ويو، عابد شير علي چيو آهي ته سنڌ ۾ 183 فيڊرز تي 80 سيڪڙو بجلي چوري ٿي رهي آهي، جڏهن سچ ڳالهائيندو آهي ته پ پ اڳواڻن کي تڪليف ٿيندي آهي.

قومي اسيبميلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، پيپلزپارٽي آصف علي زرداري جي ساٿين جي گمشدگي خلاف قومي اسيمبلي جي اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪيو.

 سعودي اتحاد ۾ پاڪستان جي شموليت تي بحث لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري تحريڪ التوا به پيش ڪئي.

پاڻي ۽ بجلي بابت مملڪتي وزير عابد شير علي قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي چيو ته بجلي چوري ۾ ٻه سيڪڙو  گٽتائي آئي آهي.

سندس چوڻ هو ته سڄي ملڪ مان 500 ارب رپيا بجلي جي مد ۾ وصول ڪرڻا آهن، گردشي قرضن جو وڏو سبب صوبن طرفان پيسا ڏيڻ نه آهي. پر شڪر آهي ته سنڌ حڪومت هاڻ پيسا ڏيڻ شروع ڪيا آهن.

سنڌ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حقيقتن جي ابتڙ ڳالهيون نه ڪيون وڃن، سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي آهي.

خورشيد شاهه چيو ته لاهور ۾ بجلي چوري سنڌ جي ڀيٽ 4 سيڪڙو وڌيڪ ٿئي ٿي پر لاهور ۾ بجلي چور ظاهر ناهن ٿيندا.

عابد شير علي چيو ته ساڻس بدتميزي نه ڪئي وڃي، جڏهن هو سچ ڳالهائيندو آهي ته تڪليف ٿيندي آهي، شاهه صاحب پنهنجي ميمبرن کي به سمجهائي.

قومي اسيمبلي جي سوالن واري وقفي دوران پاڻي ۽ بجلي جي وزير خواجا آصف لکت ۾ جواب داخل ڪرائيندي چيو ته شهري علائقن ۾ 4 ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي ويندي.

خواجا آصف چيو ته جون 2017 تائين نيشنل گرڊ ۾ بجلي جي پيداوار ۾ 3870 ميگا واٽ واڌ جو امڪان آهي.

پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير چيو ته بجلي جي پيداواري کپت لاڳيتو وڌي رهي آهي، 2018 تائين لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ قدم کنيا ويا آهن.

خواجا آصف چيو ته ڪروڙين رپين جي ٽيوب ويل جي بجلي جا بل جن ماڻهن ادا ناهن ڪيا هو، انهن جا به نالا ٻڌائندو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*