ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي انفارميشن آفيس کي باهه لڳڻ سبب قيمتي رڪارڊ سڙي ويو، فائر برگيڊ جي ٻن گاڏين باهه تي ضابطو آندو

khi fire

ڪراچي ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ جي انفارميشن آفيس کي باهه لڳڻ سبب قيمتي رڪارڊ سڙي ويو، فائر برگيڊ جي ٻن گاڏين باهه تي ضابطو آندو.

سنڌ سيڪريٽريٽ جي انفارميشن آفيس کي باهه لڳڻ جي اطلاع تي فائر برگيڊ جي ٻن گاڏين پهچي باهه تي ضابطو آندو ۽ ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي.

ريسڪيو ذريعن موجب، باهه لڳڻ سبب ڪو به ملازم زخمي نه ٿيو پرباهه سبب قيمتي رڪارڊ جون فائلون سڙي ويون.

سنڌ سيڪريٽريٽ جي ترجمان چيو هي ته باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ ٿي رهي آهي، جيڪو به ذميوار نڪتو ته ان کي قانون موجب سزا ڏني ويندي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*