ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 14 مسافر زخمي ٿي پيا آهن

kandiyaro

ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي ٽرالر ۽ سوزوڪي ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ چئن عورتن سميت 14 مسافر زخمي ٿي پيا آهن.

تيز رفتار ٽرالر ٽرالر قومي شاهراهه تي سکر کان قلندر لال شهباز جي درگاهه تي حاضري لاءِ سيوهڻ ويندڙ سوزوڪي کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ رابعه، نائيلا، امجد، مطلوب، ذيشان، عاليا ۽ ندا سميت 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

زخمين کي ڪنڊياري جي اسپتال نيو ويو، جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کين نوابشاهه منتقل ڪيو پئي ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*