سنڌ پوليس ايم ڪيو ايم جي اڪثر لاپتا ڄاڻايل ڪارڪنن جي گرفتاري جي ڊپ کان ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿيڻ جي رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي

Sindh-High-Court-14317

سنڌ پوليس ايم ڪيو ايم جي اڪثر لاپتا ڄاڻايل ڪارڪنن جي گرفتاري جي ڊپ کان ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿيڻ جي رپورٽ سنڌ هائيڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي آهي، عدالت ٻن هفتن اندر ملڪ مان فرار ٿيل ڪارڪنن جو رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سنڌ هائيڪورٽ ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن ايوب شاهه، هارون احمد، سهيل غوري، زاهد ۽ ٻين جي بازيابي واري درخواست ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايس ايس پي ڪراچي اوڀر ذوالفقار مهر سنڌ هائيڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جا اڪثر ڪارڪن لاپتا نه آهن، پر گرفتاري کان بچڻ لاءِ ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن فرار ٿي ويا آهن.

هن ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن سيد امير احمد نظامي ڪراچي آپريشن دوران گرفتاري جي ڊپ کان ڀارت فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته سيد امير احمد نظامي 1990 ۽ 1992 جي آپريشن دوران به ڀارت فرار ٿي ويو هو.

ايس ايس پي ذوالفقار مهر عدالت کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم ڪارڪن ارشاد به گرفتاري جي ڊپ کان ڀارت فرار ٿي ويو آهي، جنهن تي جسٽس شفيع صديقي کانئس پڇيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ پناهه لاءِ ڪو جواز پيش ڪيو ويو هوندو.

عدالت جي سوال جو جواب ڏيندي ايس ايس پي اوڀر ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جو ڀارت ۾ نيٽ ورڪ موجود آهي، پناهه لاءِ ڪا خصوصي درخواست ڏيڻ نه پوندي آهي.

ان موقعي تي جسٽس شفيع صديقي سوال ڪيو ته اسان جي ايئرپورٽس يا اميگريشن انتظاميه وٽ انهن جي وڃڻ جو رڪارڊ ته هوندو، جنهن تي ايس ايس پي اوڀر رڪارڊ پيش ڪرڻ لاءِ مهلت گهري ورتي.

سنڌ هائيڪورٽ کيس ٻن هفتن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گمشدگي يا ملڪ مان فرار ٿيڻ جو مڪمل رڪارڊ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي، گهرو کاتي، آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز ۽ ٻين کي به ٻن هفتن ۾ جواب داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*