غوثپور ويجهو ڳوٺ محمد حسن اوڳاهي جو گرلس پرائمري اسڪول 7 سالن کان بند هئڻ خلاف شاگرياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

ghospur

غوثپور ويجهو ڳوٺ محمد حسن اوڳاهي جو گرلس پرائمري اسڪول 7 سالن کان بند هئڻ خلاف شاگرياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

عائشه ۽ رضيه جي اڳواڻي ۾ شاگردياڻين احتجاجي مظاهرو ڪري اسڪول کولرائڻ لاءِ نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شاگردياڻين چيو ته گذريل 7 سالن کان گرلس پرائمري اسڪول بند هئڻ ڪري سندن مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي.

هنن چيو ته تعليم کاتي جي آفيسرن کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

شاگردياڻين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پرائمري گرلس جلد کولرايو وڃي،ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*