ڪراچي ۾ مبينا طور ساڙي زخمي ڪيل نينگري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو

Karachi-Cracker-Blast-10117

ڪراچي ۾ مبينا طور ساڙي زخمي ڪيل نينگري اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

گذريل ڏينهن مبينا طور ساڙي زخمي ڪيل نينگري سدره کي سول اسپتال جي برنس وارڊ ۾ داخل ڪرايو ويو هو، ڊاڪٽرن چيو هو ته سندس 50 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي.

پوليس موجب، 15 ورهين جي نينگري سدره لاڙڪاڻي جي رهواسڻ هئي جيڪا ڪراچي ۾ پنهنجي مائيٽن سان رهندي هئي.

پوليس موجب، نينگري سدره جي ماسي بيان ڏنو آهي ته اڻڄاتل ماڻهو سندس سندس ڀاڻيجي کي باهه ڏئي ساڙيو.

پوليس موجب، واقعو پراسرار آهي، جنهن جي جاچ ڪئي پئي وڃي، لاش لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*