سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي بدلي خلاف اسٽي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ گذريل 15 سالن دوران آءِ جيز جي مقرري بابت رڪارڊ پيش ڪندي چيو آهي

Sindh-High-Court-17117

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ جي بدلي خلاف اسٽي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ گذريل 15 سالن دوران آءِ جيز جي مقرري بابت رڪارڊ پيش ڪندي چيو آهي ته آئين موجب پوليس جو سربراهه مقرر ڪرڻ جا اختيار صوبائي سرڪار جا آهن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ خلاف داخل درخواستن واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته ايڊوڪيٽ جنرل گذريل 15 سالن دوران آءِ جيز جي مقرري جي طريقيڪار جا تفصيل پيش ڪيا.

ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آئين موجب پوليس سربراهه جي مقرري صوبائي سرڪار جو اختيار آهي، سنڌ سرڪار هميشه آءِ جي جي مقرري لاءِ 3 نالا وفاق کي تجويز ڪندي آهي، جنهن مان ڪنهن هڪ جي مقرري ٿيندي آهي.

عدالت سندس موقف ٻڌڻ بعد آءِ جي کي هٽائڻ خلاف اسٽي برقرار رکندي ڪيس جي ٻڌڻي 19 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*