لعلورائنڪ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺ ورند ماڇي جي رهواسي مرد ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

laluraink

لعلورائنڪ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ڳوٺ ورند ماڇي جي رهواسي مرد ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو .

 درمحمد  سولنگي ۽ ارباب سولنگي جي اڳواڻي ۾ عورتن  ۽  ٻارڙن احتجاجي مظاهرو ڪري وارھ روڊ  تي  ڌرڻو هڻي روڊ ڪلاڪ ڪيو.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڳوٺاڻن الزام هنيو ته لعلورائنڪ پوليس مخالفن کان  پيئسه  وٺي  هنن خلاف  ڪوڙا   ڪيس  داخل  ڪيا آهن.

هنن چيو ته پوليس سندن گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن  ۽  ٻارڙن  تي  تشدد  ڪرڻ بعد  ڦرلٽ  ڪئي آهي.

رهواسين ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي ڪوڙا  ڪيس  ختم   ڪري  لعلورائنڪ  پوليس  خلاف  ڪارروائي  ڪئي  وڃي.

    ڊي ايس پي نصيرآباد  فهيم  فاروقي   ڌرڻي  واري  هنڌ   پهچي ڳوٺاڻن کي انصاف جي خاطري ڪرائي  احتجاج ڪرايو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*