پاڪستان نيپال ۾ گم ٿيل پاڪ فوج جي رٽائرڊ ڪرنل حبيب کي دشمن ايجنسيءَ پاران کنڀڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

Nafees zakriya

پاڪستان نيپال ۾ گم ٿيل پاڪ فوج جي رٽائرڊ ڪرنل حبيب کي دشمن ايجنسيءَ پاران کنڀڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي، پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڪلڀوشن کي پاڪستان ۾ سڳ سوڌو گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو هو.

اسلام آباد ۾ پريس بريفنگ دوران نفيس ذڪريا چيو ته نيپالي پوليس ڪرنل حبيب جي ايئرپورٽ تي آجيان ڪندڙ شخص جا سي سي ٽي وي فٽيج ملڻ بعد ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

سندس چوڻ هو ڪرنل حبيب هڪ رٽائرڊ فوجي آفيسر هو، کيس دشمن ملڪ جي ايجنسي کنڀي وئي آهي.

هن چيو ته ڪلڀوشن ڀارتي جاسوس آهي، کيس ثبوتن سميت عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

 ڪشمير معاملي بابت ڳالهائيندي نفيس ذڪريا چيو ته ڪشمير ۾ ڀارتي ڏاڍ ۽ جبر جاري آهي، ڀارتي فوج هڪ هفتي دوران 14 ڪشميرين کي شهيد ڪيو.

نفيس ذڪريا چيو ته پاڪستان ڀارتي جارحيت جي شديد مذمت ڪري ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*