سکر ۾ بجلي جي هٿرادو لودشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف شهرين پاران بک هڙتال ڪئي وئي

suk ehtijaj

سکر ۾ بجلي جي هٿرادو لودشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف شهرين پاران بک هڙتال ڪئي وئي.

جاويد ميمڻ، غلام مصطفيٰ ڦلپوٽي ۽ ڊاڪٽر سعيد اعواڻ جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ واپارين گهنٽه گهر چوڪ تي علامتي بک هڙتال ڪئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته سيپڪو وارا شهر ۽ آسپاس وارن علائقن ۾ 16، 16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ سبب ڪاروباري سرگرميون به متاثر ٿي رهيون آهن، سيپڪو عملدار شهرين ڏانهن وڌاو بل موڪلي رهيا آهن.

اڳواڻن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر ۽ آسپاس هٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو بند ڪري واڌو بل ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*