قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته گيس سنڌ جي آهي، 60 سيڪڙو پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي

Khursheed

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته گيس سنڌ جي آهي، 60 سيڪڙو پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي، وفاق سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏئي، اڄ ايوانن ۾ احتجاج ٿي رهيو آهي سڀاڻي روڊن تي هونداسين.

اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته حد اندر احتجاج ٿي رهيو آهي، صوبائي اسيمبلي ۾ به گوڙ ڪيو پيو وڃي.

خورشيد شاهه چيو ته گيس سنڌ جي آهي، جنهن جو 60 سيڪڙو پنجاب استعمال ڪري رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته وفاق سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏئي، سنڌ جا هاري مري رهيا آهن، ٻڌايو وڃي ته نواوزشريف ڇا پيوڪري.

هن چيو ته حڪمران جلا وطني ڪاٽي چڪا آهن پوءِ به کين ڳالهه سمجهه ۾ نه پئي اچي.

مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته اهو رويو رڳو سنڌ سان ناهي، پختونن کي به اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پختون سڄي ملڪ ۾ رهندا آهن، ساڻن اڍنگو رويو اختيار ڪيو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*