ٺل ۾ چور ڪي ٽي اين نيوز آفيس ۾ گهڙي ڪئمرا، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، واقعي خلاف جيڪب آباد ۽ ٺل ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا

thull ktn chori

ٺل ۾ چور ڪي ٽي اين نيوز آفيس ۾ گهڙي ڪئمرا، ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان کڻي ويا، واقعي خلاف جيڪب آباد ۽ ٺل ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

گذريل رات ٺل ۾ رهبر چوڪ ڀرسان اڻڄاتل چور دري ٽوڙي ڪي ٽي اين نيوز جي آفيس مان ڪئمرا، ليپ ٽاپ ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا.

چوري واقعي خلاف جيڪب آباد پريس ڪلب اڳيان صحافين پرويز ابڙو جي اڳواڻي ۾ صحافين احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ٺل پريس ڪلب اڳيان صحافين مجيد نوناري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙ صحافي اڳواڻن چيو ته ٺل ۾ ڪي ٽي اين آفيس مان چوري وارو واقعو پوليس جي ناقص ڪارڪردگي جو ثبوت آهي.

صحافي اڳواڻن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته چوري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزائون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*