ڪشمور ۾ تعليم کاتي پاران جاڳرتا جي حوالي سان استادن ۽ شاگردن هاءِ اسڪول حسن علي شاهه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي

kashmor raelly

ڪشمور ۾ تعليم کاتي پاران جاڳرتا جي حوالي سان استادن ۽ شاگردن هاءِ اسڪول حسن علي شاهه کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

ڊي اي او عبدالشڪور ميمڻ ۽ ٽي اي او عبدالعزيز ڄامڙو جي اڳواڻي ۾ نڪتل شهر جي مختلف رستن تان گذري پريس ڪلب پهتي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊي اي او عبدالشڪور ميمڻ چيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جو نظام بهتر آهي، شاگردن کي مفت ۾ ڪتاب فراهم ڪيا پيا وڃن.

هنن چيو ته والدين پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائين، کين بهتر تعليمي ماحول فراهم ڪيو ويندو.

ڊي اي و عبدالشڪور ميمڻ چيو ته سول سوسائٽي کي تعليم جي حوالي سان اڳتي اچڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*