خانپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو
خانپور ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
ليڊي هيلٿ ورڪرن امبرين سومرو، ثمينا، روبينا، گلزار دايو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.
صحافين آڏو دانهيندي اڳواڻن چيو ته کين 4 مهينن کان پگهارون نه مليون آهن، جنهن ڪري سندن گهرن ۾ فاقاڪشي واري صورتحال آهي.
هنن وڏي وزير مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته کين پگهارون جاري ڪري سندن مسئلو حل ڪيو وڃي………….