سيوهڻ ۾ پراسرار نموني گم ٿيل نادرا ملازم جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪر سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو

sehwan nadra gum

سيوهڻ ۾ پراسرار نموني گم ٿيل نادرا ملازم جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪر سندس بازيابي جو مطالبو ڪيو.

نادرا  ملازم شاهد لانگاهه 15 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ٿيڻ تي سندس گهر ۾ سوڳ واري صورتحال ڇانيل آهي.

نوجوان جي بازيابي لاءِ وارثن ۽ شهرين پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، مظاهرين جو چوڻ هو ته نوجوان جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي پر پوليس کيس بازياب ناهي ڪرايو.

          هنن چيو ته ايس ايس پي ۽ ڊي سي ڄامشورو دلاسن کانسواءِ سندن ڪابه مدد نه ٿي ڪري، جيڪڏهن سندس ڪو ڏوهه آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

هنن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته هو ان معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*