تعليم واري سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، بند پيل 2 هزار اسڪول کولرايا ويا آهن

ghotki

تعليم واري سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو آهي ته سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، بند پيل 2 هزار اسڪول کولرايا ويا آهن.

گهوٽڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي تعليم واري سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو ته صوبائي حڪومت تعليمي معيار کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.

هن چيو ته تعليم کاتي ۾ سموريون ڀرتيون ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون، ترقين ۾ ڪنهن به قسم جي هيراڦيري کي برداشت نه ڪيو ويندو.

عبدالعزيز عقيلي چيو ته استادن کي گهرجي ته هُو ايمانداريءَ سان ڊيوٽيون ادا ڪن، آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن کي جلد هيڊماستري جا آرڊر ڏنا ويندا.

عبدالعزيز عقيلي وڌيڪ چيو ته وزيراعلى سنڌ صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي آهي،سمورن آفيسرن کي هدايتون ڪيون ويون آهن ته تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن……………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*